پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق سميجو

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق سميجو

اسحاق سميجو ڊاڪٽر

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق سميجو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي نامور شخصيت آهي. پاڻ اديب، شاعر، نقاد، محقق ۽ ايڊيٽر هجڻ سان گڏ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر پڻ آهي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي 2014ع ۾ ’سنڌي شاعريءَ تي ترقي پسند فڪر جا اثر‘ جي عنوان هيٺ پي ايڇ ڊي ڪئي. پاڻ 2014 کان 2017 تائين مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڊائريڪٽر، 2016 کان 2019 تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر، 2019 کان 2022 تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرپرسن ۽ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرپرسن آهي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي وٽ 23 سالن جو وسيع تدريسي ۽ تحقيقي، جڏهن ته 10 سالن جو انتظامي تجربو آهي. پاڻ مرزا قليچ بيگ چيئر جي تحقيقي جرنل ’قليچ‘ جو باني ايڊيٽر آهي. جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران شايع ٿيندڙ انگريزي مخزن ’سنڌالاجيڪل اسٽڊيز‘ (انگريزيءَ ۾) ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل’سنڌي ادب‘ سان گڏ سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل’ڪينجھر‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. هو ننڍي کنڊ جي سنڌي ادبي حلقي جي مقبول رسالي ٽه ماهي ’سارنگا‘ جو باني ايڊيٽر پڻ آهي. جڏهن ته هن وقت ايڇ اي سي وٽ منظور ٿيل انگريزي تحقيقي جرنل ’پروگريسو جرنل آف آرٽس اينڊ هيومنٽيز‘ (PRJAH) جو چيف پئٽرن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران نڪرندڙ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جو ايڊيٽر آهي. 2017ع ۾، سندس ڊائريڪٽريءَ هيٺ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو پاران سنڌ اسٽڊيز تحت پهرين عالمي ڪانفرنس، ملڪي سطح جو قومي’ لوڪ آرٽ فيسٽيول‘ ۽ ’سنڌي فلم فيسٽيول‘ منعقد ڪرايا ويا. سنڌي شعبي جي چيئرپرسن جي حيثيت ۾ هن ورڪشاپن، سيمينارن ۽ ادبي سرگرمين سان گڏ پھريون ڀيرو ’شاعريءَ جو ميلو‘ (poetry festival) منعقد ڪرايو، جنھن ۾ ننڍي کنڊ جو مقبول اردو شاعر امجد اسلام امجد خاص مھمان هيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن طور پڻ سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم هلائڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پڙهائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ، ٻارن لاءِ شاهه لطيف جي ميلي ڪرائڻ سميت آنلائن علمي سيشنن جو بنياد وڌو ۽’سنڌي ٻولي لائبرري‘ جھڙو اهم آنلائن ريسورس سينٽر قائم ڪيو. جڏهن ته سندس ئي دور ۾ 2023 ۾ ’پھرين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس‘ ۽ 2024 ۾ ’ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس‘ منعقد ٿي. پاڻ هندستان، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، آذربائيجان، دبئي، نيپال ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن جا دورا ڪري چڪو آهي ۽ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر ادب، ثقافت ۽ ٻوليءَتي پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر سميجي هڪ استاد ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻوءَ طور USAID جي پاڪستان ريڊنگ پروجيڪٽ ۽ USIAD ۽ سنڌ حڪومت پاران گڏيل طور تي هلايل سنڌ ريڊنگ پروگرام ۾ ماهر طور ڪم ڪيو. ان سان گڏ ڊاڪٽر سميجو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ۽ ٽئين، پنجين ۽ نائين درجي جي ڪتابن جي تياريءَ ۾ ليکڪ طور شامل رهيو آهي. ڊاڪٽر اسحاق سميجو بنيادي طور هڪ شاعر، ادبي نقاد ۽ محقق آهي. هن ڄاڻايل موضوعن تي لڳ ڀڳ 23 ڪتاب لکيا ۽ مرتب ڪيا آهن. هن جي پنجن ڪتابن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ’Y ۽ Z‘ درجي جي تحقيقي پبليڪيشن جو درجو حاصل آهي. ڊاڪٽر سميجو جا ڪتاب ايم اي سنڌي نصاب ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر سميجو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي انڊوومينٽ فنڊ ڪميٽي، ادبيات اڪيڊمي پاڪستان ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ لمس يونيورسٽي لاهور جي گرماڻي سينٽر جي پبليڪيشن بورڊ جو ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.03.18  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق سميجو 18 مارچ 1975ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم عباسي
شير محمد شيرل
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
الطاف ملڪاڻي
سليم ڳاڙهوي
دلپت صوفي
ابرار ابڙو
اويڙ پلي
جيوت سنگهه صوفي
ٽيڪچند مست
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون